پکو اڏڻ

پکو اڏڻ: خيرپور جي ميرن ۾ شاديءَ جي هڪ رسم ۽ ساٺ. هن ساٺ کي ’مرداڻو ساٺ‘ به چون، ڇو ته هن ساٺ ۾ ڪم ايندڙ پکو، گهوٽ جا ويجها عزيز ڪانن جي تيلين مان ٺاهيندا آهن. پکي اڏڻ ۾ صرف ڪرڙ جون ڪاٺيون ڪم اينديون آهن. پکي لاءِ ست ٿوڻيون هونديون، جن جي هر هڪ ڏري ۾ ٿوڻين هيٺان هڪ هڪ ٽڪر، ڳُڙ ۽ ان پوريو ويندو آهي. پکو تيار ڪري، ان جي چوڌاري ٿوڻا ٻڌي پلويڙو ٺاهبو آهي. پکي ۾ پيش جو تڏو پٿاري، ان تي سيج وڇائبي آهي. ان کان پوءِ پنهنجي برادريءَ مان، ڪنهن ماڻهوءَ کي پکي تي پهريدار مقرر ڪبو آهي. پکي ٺاهڻ کان پوءِ پنج مڻ اٽي جا، پنجن ڪورين دانگين تي پچائبا آهن. ماني پچائڻ وارين عورتن مان هڪڙيءَ مٿان چار ويجها عزيز تلوارون جهلي بيهندا آهن ۽ تلوارن جي مٿان کهنبو وجهبو آهي. انهن پڪل مانين مان ڪٽي ٺاهبي آهي، جيڪا لانئن ڏيڻ مهل ورهائبي آهي. پوءِ هڪ جانور ذبح ڪري، ان جو جيرو ۽ هڪ ماني، پکي سان ٻڌي ڇڏيندا آهن. هن سڄي ٺاٺ کي ’پٺي جهلڪو‘ به چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو